بيجنگ-16 جون (اي پي پي) قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايوف جي دعوت تي چين جي صدر شي جن پنگ 16 کان 18 جون تي قازقستان جي شهر آستانه ۾ ٿيندڙ ٻي چين – وچ ايشيا سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آستانه جو شمار دنيا جي جديد گادي وارن شهرن ۾ ٿيندو آهي جيڪو هڪ ڳوٺ کان ترقي ڪري اثر رسوخ واري هڪ جديد شهر ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ قازقستان جي تيز رفتار ترقي جو هڪ نمائنده شهر آهي. وچ ايشيائي سربراهي اجلاس پهرين ڀيرو ڪنهن وچ ايشيائي ملڪ ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. چين جو صدر شي جن پنگ وچ ايشيا جي 5 ملڪن جي سربراهن جي مشاورت سان ترقياتي حڪمت عملي مرتب ڪندو جنهن سان علائقائي امن ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.