اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايراني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران تي اسرائيل جا حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي مڪمل خلاف ورزي آهن، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ايران جي حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ منعقد انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا امير مقدم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي پاڪستان جي مذمت ۽ معصوم ماڻهن جي شهادتن تي پوري قوم پاران ايران سان همدرديءَ جي جذبن کي ورجايو. وزيراعظم خطي جي تازي منظرنامي تي ڳالهائيندي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي ايران ۽ ان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ايران جي حمايت ڪئي، اسرائيلي حملا گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي مڪمل خلاف ورزي آهن.