اسٽراسبرگ-16 جون (اي پي پي) پاڪستان جي اعليٰ سطحي پارلياماني وفد يورپي پارليامينٽ ۾ يورپي يونين جي ڏکڻ ايشيا بابت پارلياماني وفد جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي سهڪار، گهڻي رُخي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ خاص ڪري خطي ۾ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ پريس رليز موجب ماحولياتي تبديلي هم آهنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن کي وڌندڙ ڇِڪتاڻ خاص ڪري ڀارت جي فوجي اشتعال انگيزي ۽ پاڻي کي اسٽريٽجڪ هٿيار طور تي استعمال ڪرڻ جي خطرناڪ رجحان جي باري ۾ آگاهه ڪيو. پاڪستان جي پارلياماني وفد چيو ته پاڪستان، يورپي يونين سان اعتماد جوڳي دوستيءَ کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، يورپي يونين پاڪستان جي ڀائيوار ئي نه پر دنيا ۾ استحڪام جو آواز به آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته يورپي يونين قانون جي حڪمراني جو علمبردار هوندي ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ عالمي قانونن ۽ معاهدن جي پاسداري کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندو. ان دوران ماحولياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي رٿائن ۾ پاڪستاني ۽ يورپي يونين وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.