اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالطيٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ايران جي خلاف اسرائيل جي بنا جواز جارحيت جي ڏس ۾ خراب ٿيندڙ علائقائي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.