اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان رومانيه جي سفير ڊين اسٽونيسڪو پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن، پارلياماني رابطن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان رومانيه سان گڏ پنهنجي پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن. هن پاڪستان-رومانيه پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ان سان ٻه طرفي هم آهنگي ۽ گڏيل سهڪار ۾ اضافو ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ 2013ع ۾ پاڪ رومانيه فرينڊشپ گروپ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. رومانيه جي سفير اسپيڪر کي رومانيه سان لاڳاپيل تاثرن کي به ساراهيو. سفير چيو ته رومانيه پاڪستان سان گڏ لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پارلياماني، تعليمي ۽ معاشي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ پاڪستاني قدمن جي تعريف ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي زور ڏيندي سفير چيو ته پاڪستان جي پارلياماني سفارتڪاري علائقائي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.