جده – 16 جون (اي پي پي) سعودي عرب ايران جي حاجي سڳورن جي حفاظت سان واپسي لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايران جي حاجي سڳورن کي عرعر بارڊر ڪراسنگ ذريعي ايران روانو ڪيو پيو وڃي. سعودي عرب جي حج واري وزارت ايراني اختيارين سان گڏجي حاجي سڳورن جي واپسي جو منصوبو تيار ڪيو آھي، جنھن تحت حاجي سڳورن کي جده ۽ مدينه شريف ايئرپورٽن ذريعي سرحدي چيڪ پوسٽ عرعر تائين منتقل ڪيو پيو وڃي، جتان کين زميني رستن ذريعي ايران روانو ڪيو ويندو. ياد رھي ته ھن سال اٽڪل 76 ھزار ايرانين حج جا فرض ادا ڪيا آھن، مملڪت ۾ انھن جي قيام، خدمتن جي فراھمي ۽ انھن جي روانگي تائين سار سنڀال کي يقيني بڻايو پيو وڃي.