والاريل بيت المقدس- 16 جون (اي پي پي) ايران پاران اسرائيل تي ميزائل حملن جي نئين لھر ۾ 4 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 103 زخمي ٿي پيا آھن. پرڏيھي ميڊيا اسرائيلي ايمرجنسي سروس جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينھن ايراني ميزائلن تل ابيب سميت مختلف ھنڌن کي نشاڻو بڻايو، جنھن سبب ڪافي نقصان ٿيو، ھن وقت تائين 4 اسرائيلين جي مارجڻ ۽ 103 جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق پاسداران انقلاب تصديق ڪئي آھي، ته ايران اسرائيل تي ميزائل حملن جو نئون سلسلو شروع ڪيو آھي، جنھن جو ھدف اسرائيلي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم آھي.