ڪويت سٽي -16 جون (اي پي پي) ڪويت جي تعليم واري وزارت خطي ۾ وڌندڙ عسڪري ڇڪتاڻ سبب مختلف هنڌن تي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 90 ايمرجنسي شيلٽرز تيار ڪيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪويت جي تعليم واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اهو قدم شاگردن جي تحفظ ۽ تعليمي عمل جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي، وزارت بيان ۾ چيو ته روزانو جي بنياد تي لاڳاپيل ادارن ۽ اختيارين سان گڏجي روزاني جي صورتحال جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، ته جيئن احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن.