اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبر پختونخوا ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير فتنه الهندوستان جي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر آپريشنز ڪري 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر پٽن کي سلام پيش ڪيان ٿو. ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن ۽ سهولتڪارن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين کي تحسين جي نظر سان ڏسون ٿا. گهرو وزير چيو ته بهادر سيڪيورٽي فورسز تي هر پاڪستاني کي ناز آهي، ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جو انجام عبرتناڪ موت آهي. هن چيو ته قوم جي حمايت سان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.