ڪراچي-17 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ساڻس پاڪستاني زائرين جي حفاظت سان وطن واپسي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايران جي سفير اسرائيل جي جارحيت تي پاڪستان جي جرئتمنداڻي موقف ۽ سھڪار تي ٿورا مڃيندي ايران پاران پاڪستاني زائرين کي ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي. گورنر سنڌ ايران ۾ پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو سان بھ فون تي رابطو ڪيو ۽ کيس زائرين کي سھولتون ڏيڻ ۽ واپسي يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي. پاڪستاني سفير چيو تھ ايران ۾ موجود پاڪستاني زائرين جي جلد واپسي جا قدم جاري آھن.