بيجنگ-17 جون (اي پي پي) چين چيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران ۾ ترسيل چيني شهرين جي وطن واپسي جو عمل تيزي سان جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجياکون گذريل ڏينهن پريس ڪانرنس ۾ ايران ۽ اسرائيل تڪرار ۾ چيني شهرين جي سلامتي ۽ واپسي بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته چيني حڪومت پرڏيهه ۾ ترسيل چيني شهرين جي تحفظ کي وڏي اهميت ڏئي ٿي. ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ تڪرار کانپوءِ چين جي پرڏيهي وزارت ۽ ايران – اسرائيل ۾ چيني سفارتخانن، فوري طور تي قونصلر تحفظ جو ايمرجنسي مڪينزم متحرڪ ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن مان چيني شهرين ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.