اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي سلامتي جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايران تي اسرائيل جي بنا جواز حملن سان خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.