اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزارت پاڪستاني سفارتڪارن، عملي جي گهرڀاتين ۽ ڪجهه غيرضروري عملي کي ايران مان ڪڍي رهي آهي. پرڏيهي آفيس جي هڪ سينيئر آفيسر چيو ته تهران ۾ پاڪستاني سفارتخانو ۽ قونصلخانو ڪم جاري رکندا.