اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت تازي بجيٽ ۾ آبادگارن لاءِ ڪيترائي عملي ۽ پائيدار قدم کڻي رهي آهي ته جيئن زرعي شعبي کي هٿي وٺرائي سگهجي ۽ معيشت کي مضبوط بنيادن تي آڻي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي تحفظ واري مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر رانا محمد سليم سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت زراعت کي ڪرنگهي جي هڏي سمجهي ٿي ۽ ان ئي بنياد تي تازي بجيٽ کي آبادگار دوست بجيٽ قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت آبادگارن کي سبسڊي، بنا وياج قرض، جديد ٽيڪنالاجي، معياري ٻج، ڀاڻ، زرعي مشينري ۽ واٽر مئنجمينٽ لاءِ خاص پيڪيج ڏئي رهي آهي ته جيئن پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران وزارت ڪيترائي سڌارا آڻي رهي آهي جن ۾ ڊجيٽل زراعت، موسمياتي تبديلين سان هڪجهڙائي رکندڙ ٽيڪنالاجيز، زرعي تحقيق ۽ جديد تربيت يافته افرادي سگهه جي تياري شامل آهن. هن چيو ته آبادگارن کي مارڪيٽ تائين سڌيءَ ريت پهچ، مارڪيٽن جي بهترين، زرعي ايڪسپورٽ کي هٿي وٺرائڻ ۽ ويليو ايڊڊ مصنوعات جي حوصله افزائي جا قدم بجيٽ ۾ شامل آهن. ان موقعي تي مملڪتي وزير ملڪ رشيد خان به ملاقات ۾ زرعي سڌارن تي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته وزارت ۾ نئين عزم سان ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي مستحڪم بنائي سگهجي. رانا محمد سليم پڻ آبادگارن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ حڪومت جي آبادگار دوست پاليسين کي ساراهيو.