اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان فرزندان قائدِ ملت جعفريه جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت آغا سيد حامد علي شاهه موسوي النجفي رحه جي جانشين آغا سيد محمد مرتضيٰ موسوي ايڊووڪيٽ ڪئي. وفد محرم الحرام جي موقعي تي عزادارن، امام بارگاهن ۽ ريلوي ذريعي سفر ڪندڙ زائرين کي درپيش مسئلن خاص ڪري سيڪيورٽي، وقت سر ٽرين شيڊول، خاص ٽرينن جو بندوبست، اسٽيشن تي صفائي ۽ پاڻيءَ جي فراهمي جهڙن انتظامي معاملن بابت وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير وفد جي تجويزن کي انتهائي سنجيدگيءَ سان ٻُڌو ۽ موقعي تي ئي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ته محرم الحرام دوران عزادارن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بنائي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ريلوي نه صرف ملڪ جي اقتصادي شهه رڳ آهي پر عوام جي خدمت ۾ به اڳيان اڳيان آهي. وفد وفاقي وزير جي ذاتي دلچسپي، فوري قدمن ۽ سنجيده رويي کي ساراهيو ۽ حڪومت جو ٿورو مڃيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عزادارن ۽ عوام جي مذهبي جذبن جو احترام جاري رکندي.