راولپنڊي-17 جون (اي پي پي) اطالوي بحري جهاز آءِ ٽي ايس انتونيومار چيليا ٽن ڏينهن جي خيرسگالي دوري تي ڪراچي بندرگاهه پهچي ويو. پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ اطالوي سفير جهاز جو شاندار استقبال ڪيو. اطالوي بحريه جو جهاز ٽن ڏينهن جي خيرسگالي دوري تي ڪراچي پهتو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق دوري جو مقصد ٻطرفي بحري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل آپريشنز جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. دوري دوران ٻنهي بحري فوجن جي اهلڪارن وچ ۾ پيشواراڻيون ملاقاتون ۽ گڏيل مشقون منعقد ڪيو ويندون. اطالوي بحريه جي جهازن جي باقاعدگي سان پاڪستان آمد پاڪ اطالوي ٻطرفي لاڳاپن ۽ خاص طور تي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ بحري سهڪار جي مظهر آهي. پاڪستان نيوي اهم عالمي بحرصي فوجن سان ڊگهي بحري سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي.