اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنجاب- ڪي پي ڪي سرحد ويجهو خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بنائڻ تي پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق پوليس ۽ سي ٽي ڊي هڪ ڀيرو ٻيهر بهادريءَ سان خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ٽيم جي جرئت کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڊيرا غازي خان پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي بهادر سپوتن پهريان به بهادريءَ سان خوارجي دهشتگردن خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته فتنه الخوارج جي دهشتگرد جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملهائڻ تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو.