اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ ايئر هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دورو پاڪستان جي فضائي سرحدن جي دفاع ۾ پاڪ فضائيه جي شاندار ڪاميابي ۽ ڀارتي جارحيت تي فيصلائتي ردعمل تي پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ڪيو. صدر جي اچڻ تي پاڪ فضائيه جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ملاقات دوران ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو صدر کي پاڪ فضائيه جي آپريشنل حڪمت عملي، فورس اسٽرڪچر، هدفن ۽ مستقبل جي جنگين جي ڏس ۾ جاري منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪ فضائيه جي ڪاميابي اعليٰ تربيت، آپريشنل تياري ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل جديد جنگي صلاحيتن جو نتيجو آهي، پاڪ فضائيه پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فل اسپيڪٽرم آپريشنز ڪيا جن ۾ خلائي، سائبر ۽ اليڪٽرانڪ وار فيئر کي ٺوس ڪيو ويو. بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جديد ۽ انقلابي ٽيڪنالاجيز جي اسٽريٽجڪ استعمال پاڪستان جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي مهارت، اڻٿڪ عزم ۽ جذبي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن تازي تڪرار دوران پاڪستان جي خودمختياري ۽ سرحدن جي دفاع ۾ پاڪ فضائيه جي فيصلائتي ڪردار کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو جي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته ايئر چيف جي مدبراڻي قيادت پاڪ فضائيه کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ايئر چيف جي قيادت ۾ پاڪ فضائيه جي آپريشنل تياري ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ خطي ۾ طاقت جو توازن نئين سر جوڙيو. صدر چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بهادر ۽ دورانديش قيادت ڀارتي جارحيت جو وقت سر ۽ سخت جواب ڏنو، پاڪ فضائيه ٽيڪنيڪي ۽ اسٽريٽجڪ ميدان ۾ سڀ کان اڳتي رهي. صدر پاڪ فضائيه جي جنگي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت پاران پاڪ فضائيه کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. بعد ۾ صدر نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر جو پڻ دورو ڪيو. صدر کي پاڪ فضائيه جي مجموعي آپريشنل صلاحيتن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.