اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ اسلام آباد ۾ فوجي شعبي ۾ ذميواراڻي مصنوعي ذهانت تي ٻن ڏينهن واري علائقائي مشاورت جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پنهنجي اهم خطاب ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملٽري ڊومين ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جنگ جي نوعيت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پر قانوني ۽ سياسي ڍانچا ان کان پٺتي رهجي ويا آهن. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته اها تبديلي هڪ انتهائي غيرمستحڪم عالمي ماحول ۾ رونما ٿي رهي آهي ۽ قوت جي استعمال جي حد کي گهٽ ڪري رهي آهي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ڏکڻ ايشيا ۾ خودڪار هٿيارن جون صلاحيتون پهريون ڀيرو ائٽمي ماحول ۾ استعمال ڪيون ويون، جنهن بحرانن جي دوران فيصلاسازي جو وقت گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عالمي اسلوب گڏيل قومن جي نظام سان واڳيل رهڻ گهرجن، ملٽري ڊومين ۾ مصنوعي ذهانت تي علائقائي مشاورت ان ۾ هڪ اهم اضافو پيش ڪري ٿي. اسرندڙ ملڪن کي صلاحيتن ۾ اضافي ۽ علائقائي مڪالمي جي ضرورت آهي ته جيئن قاعدن جي جوڙجڪ ۾ سڀني کي شامل ڪري سگهجي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت ۾ جدت کي قانونن تحت هجڻ گهرجي، انساني ڪنٽرول ۽ فيصلو سڀ کان اهم رهڻ گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اولهندي، وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جا 17 ملڪ هن ٻن ڏينهن واري علائقائي مشاورت ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جيڪا جمهوريه ڪوريا، نيدرلينڊ ۽ اسپين جي حصيداري منعقد ڪئي پئي وڃي.