اسٽراسبرگ-17 جون (اي پي پي) پاڪستان جي پارلياماني وفد يورپي پارليامينٽ جي اهم ميمبرن ۽ ڪميٽيءَ جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ علائقائي امن، موسمياتي انصاف ۽ قانون جي حڪمرانيءَ تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته پاڪستاني وفد يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي سميت ٻين جارحاڻن قدمن کان آگاهه ڪيو. سفارتخاني مان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان جي اعليٰ سطحي پارلياماني وفد اسٽراسبرگ جي سرڪاري دؤري دوران يورپي پارليامينٽ جي اهم ميمبرن ۽ ڪميٽين سان اسٽريٽجڪ ملاقاتون ڪيون. وفد جي قيادت وفاقي وزير مصدق ملڪ ڪئي، جڏهن ته ان ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن حنا رباني کر، اڳوڻو وفاقي وزير خرم دستگير، سينيٽر فيصل سبزواري ۽ اڳوڻا پرڏيهي سيڪريٽريز سفير جليل عباس ۽ سفير تهمينه جنجوعه شامل هئا. پنهنجي دؤري دوران وفد يورپي پارليامينٽ جي سينيئر عملدارن ۽ قانونسازن سان وسيع پيماني تي مشاورت ڪئي جنهن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي، موسمياتي لچڪ، قانوني سهڪار ۽ بين الپارلياماني بحث تي ڌيان ڏنو ويو. وفد يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ڪرسٽل شالڊيموس سان ملاقات ڪئي ۽ کين ڏکڻ ايشيا ۾ بگڙجندڙ علائقائي سلامتي جي ماحول خاص طور تي ڀارت جي جارحاڻي انداز ۽ هڪ طرفي قدمن کان آگاهه ڪيو. ڳالهين ۾ پاڪستان جي جمهوري روايتن، موسمياتي انصاف ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ مضبوط بين الپارلياماني سهڪار جي اهميت جو به احاطو ڪيو ويو. ايم اي پي مائيڪل گهلر سان هڪ جامع ملاقات ۾ وفد ڀارت جي هڪ طرفي قدمن طرف وڌندڙ جهڪاءُ، عالمي اصولن جي خلاف ورزين ۽ سنڌ طاس معاهدي کي هٿيار بنائڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. وفد عالمي قانونن ۽ پُرامن سفارتڪاري جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفد چئيرپرسن سربن دمتري اسٽرڊز ۽ ڊيلي گيشن فار رليشنز و ڏکڻ ايشيا (ڊي ايس اي ايس) جي ميمبرن سان به اهم ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير مصدق ملڪ کيس وڌندڙ علائقائي ڇِڪتاڻ ۽ پاڻي کي بطور اسٽريٽجڪ هٿيار استعمال ڪرڻ تي بريفنگ ڏني. ٻنهي ڌُرين گهڻي رُخي مشغوليت جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ واپار، ماحوليات ۽ انساني ترقي ۾ وڌندڙ تعاون جي تلاش تي زور ڀريو. ميري خان جي قيادت ۾ اي ايس اين گروپ جي ايم اي پيز سان ڳالهين دوران وفد ڀارت جي هڪ طرفي فوجي قدمن ۽ سنڌ طاس معاهي سان پيدا ٿيل عالمي اصولن لاءِ اُڀرندڙن خطرن کي اجاگر ڪيو. وفد اشتعال انگيزين جو جواب ڏيڻ پاڪستان جي تحمل ۽ پختگيءَ تي زور ڀريو. انساني حقن بابت سب ڪميٽي جي فرسٽ وائيس چيئرپرسن مارٽا ٽيمڊو سان ملاقات ۾ وفد پاڪستان جي قانوني سڌارن، اقليتن لاءِ آئيني حقن ۽ جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت ٿيل اڳڀرائيءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد انساني حقن لاءِ مستقل نقطه نظر جي اهميت تي به زور ڀريو. هن ڀارت جي غير قانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ جاري ۽ منظم انساني حقن جي خلاف ورزي طرف ڌيان ڇِڪرايو. پرڏيهي معاملي واري ڪميٽي جي سربراهه ڊيوڊ ميڪ ايلسٽر سان وفد ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ سميت ٻين هڪ طرفي قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تڪرارن جي روڪٿام جي طريقيڪار جي فوري ضروري تي زور ڀريو. هن يورپي يونين تي زور ڀريو ته هو امن ۽ گهڻي رُخي اصولن جي تحفظ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. وفد قانوني معاملن جي ڪميٽي جي سربراهه الهان ڪيوچيوڪ سان پڻ ملاقات ڪئي، جتي جي ايس پي پليس نظام تحت عدالتي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني کي مضبوط بنائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن هندستان جي هڪ طرفي قدمن ۽ ٻه طرفي معاهدن جي خلاف ورزين جي قانوني اثرن جي باري ۾ سنگين خدشن جو اظهار ڪيو. هن قاعدن تي ٻَڌل عالمي مشغوليت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. اهي ملاقاتون عالمي ۽ علائقائي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ يورپي يونين سان تعميري ڀائيواري جي پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ امن، جمهوري طرزِ حڪمراني ۽ عالمي سهڪار لاءِ ملڪ جي اصولي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون.