تل ابيب – 17 جون (اي پي پي) چين سيڪيورٽي جي خراب صورتحال سبب پنھنجن شھرين کي اسرائيل مان نڪري وڃڻ جي ھدايت ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ھدايت اسرائيل ۾ چين جي سفارتخاني گذريل ڏينھن وي چيٽ تي پنھنجي شھرين لاءِ جاري نوٽيس ۾ چئي. سفارتخاني چيني شھرين تي زور ڀريو ته ھو جلد وطن واپس اچي وڃن. چيني شهري زميني سرحدي لنگهه ذريعي اسرائيل ڇڏي ڏين ڇو ته سيڪيورٽي جي صورتحال خراب ٿي وئي آھي ۽ اسرائيل جون ھوائي حدون بند آھن.