اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ازبڪستان جي سفير علي شير تختايف پارليامنٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان مذهب ۽ ثقافت جي لازوال رشتن ۾ ٻَڌل آهن. پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ڀائپي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. اسپيڪر ٻنهي برادر ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. پاڪستان ٻه طرفي پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جو خواشمند آهي، قومي اسيمبلي ۾ پاڪ – ازبڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپ پارلياماني رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ پائيدار ترقي چاهي ٿو. ازبڪستان جي سفير علي شير تختايف پاڪ – ازبڪ پارلياماني رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو تازو ازبڪستان جو دورو هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. پاڪستان خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي، پاڪستان جي سياسي قيادت خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽُٽ عزم تعريف جوڳو آهي. ٻنهي ڀائر ملڪن ۾ واپار ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ سهڪار جا وسيع امڪان موجود آهن. ازبڪ سفير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پارلياماني وفد سان گڏ ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.