اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪندي چيو آهي ته اربع 18 جُون کان 21 جون دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم شديد گرم رهندي، عوام خاص طور تي ٻارن، عورتن ۽ بزرگ شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنيو ويو آهي ته ٻنپهرن وقت خاص طور تي 11 کان 04 وڳي تائين اس ۾ گهٽ ۾ گهٽ نڪرڻ ۽ پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪن. موسميات کاتي مطابق اربع ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته ميداني علائقن ۾ ٻنپهرن دوران شديد گرم رهندي، جڏهن ته ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم رهي. ڏکڻ اوڀر سنڌ، اتر اوڀر بلوچستان، ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات ٿي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد جيڪب آباد، موهن جو دڙو ۾ 46، تربت، نوڪنڊي ۽ دادو ۾45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.