ڪراچي-17 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زمين کي غيرآباد ۽ ڏڪار کان بچائڻ بابت عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آھي ته پاڻي زندگي آهي ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته غيرآباد زمين ۽ وڌندڙ ڏڪار جي خطرن خلاف عوامي جاڳرتا وقت جي اهم ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وڻڪاري، برساتي پاڻي کي گڏ ڪرڻ ۽ جديد واٽر مينيجمينٽ بابت رٿائن تي عمل پيرا آهي. سيد مراد علي شاهه خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن درياهه جو پاڻي سمنڊ تائين نه پهتو ته سامونڊي پٽي ختم ٿي سگهي ٿي. انڊس ڊيلٽا جي وجو د لاءِ سنڌوءَ درياهه جو قدرتي وهڪرو برقرار رکڻ لازمي آهي. هن چيو ته ماحولياتي انصاف جي حوالي سان لوئر ريپيرين رائيٽ کي سڄي دنيا ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته انڊس ڊيلٽا تائين پاڻي جي فراهمي ماحولياتي انصاف جي گھرج آهي جيئن زمين، ماحول ۽ آبي جيوت کي تحفظ ملي سگهي.