اسلام آباد -17 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته ناڻي وارو وفاقي وزير ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاسن ۾ مصروف آهن، ناڻي وزارت جا سينئر آفيسر ميمبرن جي تقريرن جا نوٽس وٺڻ لاءِ موجود آهن. سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز بجيٽ تي بحث دوران ناڻي بابت وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير جي غير موجودگي جو معاملو اٿاريو جنهن جي جواب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير چيو ته ناڻي وارو وفاقي وزير ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاسن م مصروف آهن. ناڻي وزارت جا سينئر آفيسر ميمبرن جي تقريرن جا نوٽس وٺڻ لاءِ موجود آهن. ڪابينه جي گڏيل ذميواري تحت جاوب ڏيڻ لاءِ هو پاڻ به ايوان ۾ موجود آهي انهي لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير جي غيرموجودگي تي اعتراض درست ناهي. هن چيو ته ناڻي وزارت جا آفيسر ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن کان وفاقي وزير کي آگاهه ڪندا.