اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا. وزيراعظم صدر کي پنهنجي تازي گڏيل عرب امارات جي سرڪاري دوري ۽ وفاقي بجيٽ جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو خاص طور تي پورهيتن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن جي ڀلائي کي ترجيح ڏني وڃي. هن چيو ته بجيٽ ۾ پگهاردار، پينشنرز، مزدور ۽ پٺتي پيل طبقن جي مسئلن جي حل لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي. صدر چيو ته روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، غريب ۽ ڪمزور طبقن جي مدد جي لاءِ سماجي تحفظ جي اسڪيمن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.