اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سرحدي معاملن واري وزارت بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.