اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن سردار شمشير علي مزاري، عبدالقادر کوسا ۽ افتخار نذير جدا جدا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.