اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي گڏيل وزارتي ڪميشن جي 12هين اجلاس جي لاءِ ٻئي بين الوزارتي تياري جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اهو اجلاس ايندڙ هفتي ابوظهبي ۾ ٿيندو. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي نائب وزيراعظم بابت خاص معاون، پرڏيهي وزارت، اقتصادي معاملن، گهرو، ثقافت، ريلوي، ڪامرس، آءِ ٽي، نجڪاري، خوراڪ، توانائي، موسمياتي تبديلي، هوابازي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، صحت، بين الصوبائي رابطا، بجلي ۽ پيٽروليم وارين وزارتن جي عملدارن کانسواءِ ايس آءِ ايف سي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ پاڪ – يو اي اي ٻطرفي تعاون تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم گڏيل عرب امارات سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.