اسلام آباد -17 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا واپاري معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ تعميري انداز ۾ ڳالهيون جاري رکڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ناڻي وزارت پاران جاري بيان مطابق ان عزم جو ورجاءُ ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ آمريڪا جي واپار واري وزير هاورڊ لٽ نڪ وچ ۾ ورچوئل ڳالهين دوران ڪيو ويو، ٻنهي وزيرن جي اها ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل محصول تي جاري ڳالهين جي سلسلي ۾ هئي. ڌرين گڏيل مفاد ۾ واپاري معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ تعميري انداز ۾ ڳالهيون جاري رکڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ فني سطح تي وڌيڪ تفصيلي ڳالهيون هڪ متفقه روڊ ميپ جي بنياد تي ڪيون وينديون. ڌرين طرفان ڳالهين کي جلد پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ اعتماد ۽ عزم جو اظهار ڪيو ويو.