راولپنڊي -17 جون (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان پاڪستان جي سفير هجڻ ناطي سندن اهم ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته سندن پاران پرڏيهه مان ملڪ اماڻيل مٽا سٽا جو ناڻو، سيڙپڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ اعليٰ ڪاميابين ذريعي فعال ڪردار ادا ڪري پاڪستان جي معيشت ۽ عالمي ساک ۾ سندن ڪردار ۽ ڀائيواري واکاڻ جوڳي آهي.فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جيڪو هن وقت آمريڪا جي سرڪاري دوري تي آهي، دوري دوران هن واشنگٽن ڊي سي ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادري سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف سان ملاقات لاءِ وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيل پرڏيهي پاڪستانين طرفان سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين آپريشن بنيان مرصوص/ معرڪه حق دوران هٿياربند فوج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن ۾ هنن بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو. ڳالهين دوران آرمي چيف پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان پاڪستان جي سفير هئڻ ناطي اهم ڪردار تي سندن ڀرپور تعريف ڪئي. هن پرڏيهه مان اماڻيل مٽاسٽا جي ناڻي، سيڙپڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ اعليٰ ڪاميابين ذريعي فعال ڪردار ادا ڪري پاڪستان جي معيشت ۽ عالمي ساک ۾ سندن شرڪت جو اعتراف ڪيو. سمنڊ پار پاڪستانين آرمي چيف سان گڏ پنهنجا تجربا ۽ تجويزون شيئر ڪيون. هنن گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ مسلسل تعاون جي ضرورت کي اجاگر ڪندي سمنڊ پار پاڪستانين سان رابطن جي اهميت تي زور ڀريو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سمنڊ پار پاڪستانين هڪ وڌيڪ محفوظ، خوشحال ۽ لچڪدار پاڪستان لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عهد ڪيو.