اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ريلويز ملڪي معيشت ۽ مواصلات ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، اهو چرپر جو سستو، تيز ۽ ماحول دوست ذريعو آهي، ريڪوڊڪ کي ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ سان بلوچستان جي مائنز اينڊ منرلز جي شعبي جي ترقي ۽ لائقي جي عوام جي لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان ريلويز جي اپ گريڊيشن ۽ ان جي ريڪوڊڪ تائين توسيع بابت ٿيندڙ اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ مستقبل جي ڪارگو ۽ چرپر جي ضرورتن جي ڏس ۾ پاڪستان ريلويز جي ترقي بشمول ايم ايل ون ۽ ايم ايل 3 جي اپ گريڊيشن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم 2028ع تائين ريڪوڊڪ کي ريلوي لائين نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جي هدايت ڪئي. هن ريلوي جي اپ گريڊيشن ۽ ترقي جي لاءِ فنانسنگ جي حوالي سان بين الوزارتي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪميٽي پاڪستان ريلويز جي ترقي ۽ ان جي ريڪوڊڪ تائين توسيع جي لاءِ گهربل فنانسنگ جي حوالي سان ٺوس تجويزون پيش ڪندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ريلويز ملڪي معيشت ۽ مواصلات ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ريلويز چرپر جو هڪ سستو، تيز ۽ ماحول دوست ذريعو آهي، ريڪوڊڪ کي ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ سان بلوچستان جي مائنز اينڊ منرلز شعبي جي ترقي ٿيندي ۽ علائقي جي عوام جي لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري، ريلويز وارو وفاقي وزير حنيف عباسي، ريلويز وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون طارق فاطمي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار شريڪ هئا.