جيڪب آباد-18 جون (اي پي پي) جيڪب آباد جي بولان جي علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪو ٿيو جنهن سبب راولپنڊي کان بلوچستان ويندڙ جعفر ايڪسپريس جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جڏهن ته حادثي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. جيڪب آباد جي ايس ايس پي صدام حسين خاصخيلي ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن حادثي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو. ايس ايس پي جيڪب آباد صحافين کي ٻڌايو ته ريل جون بوگيون ڌماڪي سبب پٽڙي تان لهي ويون، جڏهن ته حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سمورن مسافرن لاءِ پيئڻ جي ٿڌي پاڻي ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي ۽ ريل ۽ مسافرن کي مڪمل سيڪيورٽي پڻ فراهم ڪئي وئي آهي، سيڪيورٽي ادارن جا اهلڪار واقعي واري جاءِ تان تفصيل ۽ ثبوت گڏ ڪري رهيا آهن جيڪي جلد ئي مڪمل ڪيا ويندا.