وارسا-18 جون (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، اسرائيل ۽ ايران کي جنگبندي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي صدر اها آڇ اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ جي فوري بعد اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان کي فون ڪري ڪئي. آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ڪارنيگي اينڊو منٽ فار انٽرنيشنل پيس جي هڪ تجزيڪار نڪول گريجوسڪي مطابق روس جي صدر جي ان آڇ جو مقصد پنهنجي اتحادي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ آهي ڇاڪاڻ ته روس ايران ۾ حڪومت جي تبديلي نٿو چاهي، خاص ڪري جيڪڏهن اهڙي ڪنهن تبديلي جي نتيجي ۾ ايران ۾ ڪا به اولهه نواز حڪومت قائم ٿيڻ جا امڪان هجن. واضح رهي ته روس ۽ ايران جنوري ۾ فوجي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي هڪ اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ جي معاهدي تي صحيحيون ڪري رکيون آهن. ٻئي پاسي روس ايران تي اسرائيل جي حملي جي مذمت پڻ ڪري چڪو آهي. هوڏانهن يوڪرين ۽ ان جا اتحادي ملڪ ايران تي روس کي ڊرون ۽ گهٽ مفاصلي تي مار ڪندڙ ميزائلن جي فراهمي جا الزام لڳائي چڪا آهن.