بيجنگ – 18 جون (اي پي پي) چين ۾ 31 ھون بيجنگ انٽرنشنل ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو آھي. ڪتابي ميلو 22 جون تائين جاري رھندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪتاب فيئر ۾ چين ۽ پرڏيھي ملڪن مان اٽڪل 2 لک 20 ھزار ڪتاب رکيا ويا آھن، 80 ملڪن ۽ خطن مان 1،700 کان وڌيڪ نمائش ڪندڙ ان ميلي ۾ شريڪ آھن. ھلندڙ سال ڪتاب فيئر ۾ ملائيشيا اعزازي مھمان ملڪ طور شريڪ آھي.