اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن اظهر قيوم ناهرا، شگفته جماڻي، ميان خان بگٽي ۽ محمد خان جمالي ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ هن لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ ملڪي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ عوامي لاڳاپن وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، بجلي وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.