اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا قومي بجيٽ تي نئون مالي دٻاءُ وجهڻ کانسواءِ ايندڙ 6 سالن ۾ 1275 بلين رپين جا گردشي قرض ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي مالياتي اسڪيم آڻڻ، ڪمال الدين ٽيپو کي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بابت ڪميشن جو چيئرپرسن مقرر ڪرڻ ۽ نيشنل پاور پارڪس مئنيجمينٽ ڪمپني لميٽيڊ کي روش پاور پلانٽ حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ مختلف خدمتن جي خريداري جي لاءِ پاڪستان پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع جي سيڪشن 21 تحت ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم ارمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمريڪا جي دوري دوران آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي خطاب کي ساراهيو. وزيراعظم آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي خطاب ۾ فيلڊ مارشل کي پاڪستان جي سرحدن ۽ مفادن جي دفاع جي لاءِ پختي عزم جي اظهار تي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال جي عوام دوست وفاقي بجيٽ تي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم هن سال حج بيت الله جي موقعي تي شاندار انتظامن تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا پاور سيڪٽر جي گردشي قرضن جي خاتمي جي حوالي سان وفاقي ڪابينا پاور سيڪٽر ۾ مالياتي استحڪام جي بحالي طرف هڪ تاريخي قدم کڻندي پاڪستان جي سڀ کان وڏي مالياتي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي، اها اسڪيم گردشي قرضن جي خاتمي جي لاءِ ملڪ جي توانائي جي شعبي جي سڌارن ۾ هڪ اهم قدم آهي، ان اسڪيم جو مقصد قومي بجيٽ تي نئون مالي دٻاءُ وجهڻ کانسواءِ ايندڙ 6 سالن ۾ 1275 بلين رپين جي گردشي قرض کي ختم ڪرڻ آهي، ان اسڪيم تحت پاور هولڊنگ ڪمپني جي 683 ارب رپين جي ري فنانسنگ ڪئي ويندي ۽ انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) جي رهتن جي ادائيگي پڻ ڪئي ويندي. اهو فيصلو پاڪستان حڪومت جي پائيدار اداراجاتي سڌارن جي لاڳو، مالياتي بار کي گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد کي بحال ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، اهو فيصلو پاڪستان جي معيشت ۽ بجلي جي شعبي جي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي جنهن سان ملڪ کي مستحڪم مستقبل طرف وٺي وڃڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي ڪمال الدين ٽيپو کي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بابت ڪميشن جو چيئرپرسن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا نيشنل پاور پارڪس مئنيجمينٽ ڪمپني لميٽيڊ کي روش پاور پلانٽ حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ مختلف خدمتن جي خريداري جي لاءِ پاڪستان پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي آرڊيننس 2002ع جي سيڪشن 21 تحت ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 21 مئي 2025ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.