واشنگٽن – 19 – جون (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گذريل مهيني پاڪ ڀارت جنگ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٽرمپ جو اهو بيان اربع ڏينهن ٽپهر وائيٽ هائوس ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي لاءِ مانجهاندي جي گڏجاڻي کان اڳ سامهون آيو آهي. آمريڪي صدر چيو ته پاڪ ڀارت جنگ روڪڻ ۾ سيد عاصم منير مثبت ڪردار ادا ڪيو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ائٽمي ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ خطي ۾ وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهي پئي. هن چيو ته مون ٻن وڏين قومن جي وچ ۾ جنگ روڪرائي. آمريڪي صدر جنهن اڱاري ڏينهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، هن پنهنجي بيان جو ورجاءُ ڪيو ته هن ڏکڻ ايشيا جي ٻن وڏين طاقتن جي وچ ۾ جنگ کي روڪي ڇڏيو. ٽرمپ نئين دهلي جي ان دعويٰ جي باوجود ته هن واشنگٽن جي مداخلت کانسواءِ پاڪستان سان سڌوسنئون جنگبندي تي ڪم ڪيو، ان جي باوجود ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي ۾ ثالثي ۾ پنهنجي ڪردار جي نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته مون ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ روڪي ڇڏي آهي، ٽرمپ چيو ته آئون پاڪستان سان پيار ڪريان ٿو.