اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري موجوده ۽ ايندڙ سيڪيورٽي چئلينجز جي ڏس ۾ قومي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ اولين ترجيح آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پي او ايف واهه جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صدر جي اچڻ تي پي او ايف واهه جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل سيد طاهر حميد شاهه سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي دفاعي پيداوارو وارو وفاقي وزير محمد حيات هراج ۽ دفاعي پيداوار وارو سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد چراغ حيدر پڻ موجود هئا. پي او ايف چيئرمين صدر کي پي او ايف واهه جي مختلف پيداواري يونٽس بابت بريفنگ ڏني. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي او ايف واهه ملڪ جي دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بريفنگ ۾ پي او ايف جي فني صلاحيتن ۽ دفاعي پيداوار ۾ اداري جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري فيڪٽريز جي مختلف پيداواري يونٽس جو پڻ دورو ڪيو. صدر فيڪٽريز جي عملي جي فني مهارت، عزم ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن ملڪي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۾ پي او ايف جي موثر ڪردار کي ساراهيو.