گڏيل قومون-18 جون (اي پي پي)پاڪستان چيو آهي ته غزه ۾ واڙيل ماڻهن جي بگڙجندڙ صورتحال افسوسناڪ آهي، جيڪا نه رڳو انساني تباهي آهي پر انساني قدرن جو به خاتمو آهي. اهڙو اظهار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد فسلطين جي حوالي سان يو اين جنرل اسيمبلي جي 10 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته غزه جي صورتحال اسان جي اجتماعي ضمير تي داغ آهي، عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي 193 رڪني اسيمبلي گذريل هفتي هڪ قرارداد منظور ڪئي هئي، اتي زور ڀريندي هن چيو ته قرارداد ۾ ڪيل مطالبا خواهش نه ذميواريون آهن ۽ عالمي برادري کي انهن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن قرارداد کي عالمي خواهش قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي ان قدم جي حمايت ۽ تعاون تي فخر آهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته غزه ۾ 55 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 18 هزار ٻار ۽ 28 هزار عورتون آهن. سفير چيو ته بنيادي ڍانچي، گهرن، اسپتالن، اسڪولن، ثقافتي ورثي، عبادتگاهن کي تباهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڏڪار جي صورتحال آهي، ان کانسواءِ انساني همدردي جي ڪارڪنن ۽ گڏيل قومن جي اهلڪارن تي به بي رحمي سان حملا ڪيا پيا وڃن. عاصم افتخار احمد پاڪستان طرفان ان تباهي کي روڪڻ پر منصفاڻي ۽ ڊگهي امن جو بنياد رکڻ جي فوري قدمن جي مطالبن جو ورجاءُ ڪيو، انهن ۾ فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي، نسل ڪشي ۽ غزه جي ناڪابندي جو خاتمو، آزاداڻي ۽ محفوظ طريقي سان انساني امداد جي اجازت، عالمي ايجنسين کي بااختيار بڻائڻ ۽ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ورڪس اينڊ رليف ايجنسي (انروا) جي مينيڊيٽ، رسائي، فنڊنگ جي مڪمل بحالي ۽ بنيادي سبب فسلطيني زمين تي اسرائيل جي ڊگهي ۽ غير قانوني قبضي جو مقابلو ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته انصاف کانسواءِ پائيدار امن ممڪن ناهي ۽ ٻه رياستي حل کي حاصل ڪرڻ کانسواءِ انصاف نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان فرانس ۽ سعودي عرب جي گڏيل صدارت ۾ ايندڙ هفتي ۾ فسلطين ۽ ٻه رياستي حل تي اعليٰ سطحي ڪانفرنس گهرائڻ جو منتظر آهي، اها ڪانفرنس هلندڙ هفتي منعقد ٿيڻي هئي پر ايران خلاف اسرائيلي جارحيت کانپوءِ ان کي ملتوي ڪيو ويو.