اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران ۽ عراق ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين/ زائرين جي جاري انخلا جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪالهه اربع ڏينهن هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم کي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ايندڙ ڏينهن جي لاءِ انخلا جي منصوبن بابت ٻڌايو ويو. نائب وزيراعظم جاري ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته پرڏيهي آفيس ٻين ادارن سان گڏجي پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي کي تيز ڪري ۽ انهن ماڻهن کي هر طرح جي مدد فراهم ڪري جيڪي اڃا به ايران ۽ عراق ۾ موجود آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) کي اها به هدايت ڪئي ته هو پرڏيهي وزارت سان ويجهو رابطو قائم ڪري ته جيئن انخلا جي منصوبن تي هموار ۽ موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي.