اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دانش اسڪولن ۽ يونيورسٽي جي منصوبن ۾ عالمي معيار سان هم آهنگ تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ، عالمي معيار جي ڊيجيٽل لائبريري قائم ڪرڻ ۽ تربيت يافته استادن ۽ افرادي قوت کي ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ دانش اسڪولن ۽ دانش يونيورسٽي جي تعمير جي اڳڀرائي تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف دانش اسڪولن ۽ يونيورسٽي جي منصوبن ۾ عالمي معيار سان هم آهنگ تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ، انهن منصوبن ۾ عالمي معيار جي ڊيجيٽل لائبريري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سمورن دانش اسڪولن ۾ موجوده دور جي گهرجن موجب سمارٽ بورڊز، اي لائبريري ۽ ٻيون جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن، وزيراعظم دانش اسڪول ۽ يونيورسٽي منصوبن ۾ شفافيت ۽ اعليٰ معيار جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته سمورن دانش اسڪولن ۽ يونيورسٽي ۾ تربيت يافته استادن ۽ افرادي قوت کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو وڃي. وزيراعظم دانش اسڪولن ۾ معاشي طور تي ڪمزور ٻارن جي لاءِ وڌ کان وڌ داخلائن جا موقعا فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ معاشي طور تي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي ٻارن ۾ هنر ۽ صلاحيتن جي بنياد تي عالمي سطح تي پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، معاشي طور تي ڪمزور ٻارن کي هڪ جهڙي تعليم ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته الحمدالله هڪ جهڙي تعليم ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪري معاشري ۾ طبقاتي فرق کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ معاشي طور تي ڪمزور ٻارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ موجوده دانش اسڪول پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. قوم جي انهن ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي علائقن سبي، زوب، موسيٰ خيل، مهترزئي ۽ ڊيره بگٽي ۾ 5 دانش اسڪول ٺاهيا ويندا، ڪراچي ۽ چترال ۾ دانش اسڪول جي تعمير جي عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته ڪري اسلام آباد ۾ دانش اسڪول جي تعمير هلندڙ سال ۾ مڪمل ٿي ويندي. گلگت بلتستان ۾ سلطان آباد، شگر ۽ استور ۾ دانش اسڪولن جي منصوبن تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀمڀر ۽ شارده ۾ دانش اسڪولن جي تعمير تي ڪم جاري آهي جڏهن ته باغ ۾ دانش اسڪول جي تعمير تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو، سڄي ملڪ جي دانش اسڪولن ۾ پنجاب صوبي ۾ قائم دانش اسڪولن جي طرز تي ميرٽ تي ڀرتيون ۽ معقول پگهار ڏني ويندي، دانش اسڪولز اٿارٽي ايڪٽ جو مسودو تيار آهي ۽ جلد حڪومت کان منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. چين ۽ ترڪيه ۾ منعقد روڊ شوز ۾ پاڪستان جي دانش يونيورسٽي جي تعمير ۾ ڪيترن ئي عالمي سيڙپڪارن پاران دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، تعليم وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.