گال-18 جون (اي پي پي) بنگلاديش، سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ڪرڪيٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي پهرين اننگز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 484 رنسون ٺاهي ورتيون. خراب موسم سبب ڏينهن جي راند متاثر ٿي ۽ صرف 51 اوورز ٿي سگهيا. تجربيڪار بيٽسمين مشفيق الرحيم شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 163 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 9 چوڪا شامل هئا. ڪپتان نجم الحسن شانتو اسڪور ۾ 12 رنسن جو اضافو ڪري سگهيو ۽ 148 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڇڪو ۽ 15 چوڪا شامل هئا. ٻنهي بيسٽمينن وچ ۾ 264 رنسن جي رڪارڊ ڀائيواري قائم ٿي جنهن ٽيم جي پوزيشن کي مضبوط ڪري ڇڏيو. وڪيٽ ڪيپر بيسٽمين لٽن داس به قابل قدر اننگز کيڏندي 90 رنسون ٺاهيون. ٻين بيٽسمينن ۾ ذاڪر علي 8، نعيم حسن 11 ۽ تيج الاسلام 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. سريلنڪا طرفان اسيٿا فرنينڊو، ميلان رٿا نائيڪي ۽ ٿرندور ٿانائيڪي ٽي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون.