اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) قومي صحت بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار ڀرٿ انڊونيشيا ۾ ايشيا پيسيفڪ ليڊرز مليريا الائنس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر مختار ڀرٿ پاڪستان طرفان مليريا جي خاتمي لاءِ کنيل اسٽريٽجڪ قدمن تي روشني وڌي. هن چيو ته 2026ع ۾ مليريا جي خاتمي بابت 10هين ايشيا پيسيفڪ ليڊرز سمٽ پاڪستان ۾ منعقد ڪئي وڃي. ايشيا پيسيفڪ ليڊرز مليريا الائنس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر صحت واري وزير جي تجويز جي آجيان ڪئي. هن ان حوالي سان چيو ته حتمي انتظام ايندڙ مهيني طئي ڪيا ويا. 25ع جي آخر يا 26ع جي شروعات ۾ پاڪستان ۾ هڪ قومي مليريا خاتمي واري سمٽ به منعقد ڪندو. ڊاڪٽر مختار ڀرٿ چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ شديد موسم جي خطرن ۾ گهريل 10 اولين ملڪن ۾ شامل آهي، جڏهن ته ان جو عالمي گرين هائوس گيسن جي نيڪال ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 2015ع کان 2020ع وچ ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿي پر 2022ع جي موسمياتي ٻوڏ ان اڳڀرائيءَ کي سخت نقصان پهچايو. مليريا جي خاتمي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته مليريا جي علاج بابت G6PD پائليٽ منصوبو ملڪ جي 9 ضلعن ۾ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، جنهن ۾ ”ميڊيسنز فار مليريا وينچر (ايم ايم وي) جي معاونت شامل هئي. ڊاڪٽر مختار پاڪستان ۾ ويويڪس مليريا جي مڪمل علاج لاءِ ”ٽيفينو ڪوئين“ جهڙي جديد دوا متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪا ان مرض جي خاتمي جي ڪوششن ۾ هڪ وڏو اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي. سي اي او پاڪستان جي قومي ۽ـ علائقائي سطح تي مليريا جي خاتمي جي ڪوششن ۾ اي پي ايل ايم اي مڪمل سهڪار جاري رکندو.