اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت ملڪ کي هڪ ترقي يافته، صنعتي طور تي مضبوط رياست بڻائڻ لاءِ نيشنل انڊسٽريل پاليسي تي عملدرآمد شروع ڪري چڪي آهي، جيڪا هڪ جامع، فعال ۽ زميني حقيقتن تي ٻڌل پاليسي آهي. اهڙو اظهار هن نيشنل ريگوليٽري ريفارمز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن جي قيادت وزيراعظم پاڻ ڪري رهيو آهي، هن چيو ته هي صرف ريگوليٽري سڌارن جو لمحو ناهي، پر قومي سطح تي تبديلي جي هڪ تحريڪ آهي. هارون اختر چيو ته جڏهن موجود حڪومت اقتدار سنڀاليو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو ۽ وياج جي شرح 22 سيڪڙو هئي، اڄ اسان مهانگائي کي گهٽ ڪري 1.5 سيڪڙو تائين آڻي هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي، هن صنعتي ترقي لاءِ حڪومت جي آئنده جا قدم بيان ڪندي هيٺ ڏنل نقطن تي زور ڀريو ته سپر ٽيڪس جو خاتمو، ڪارپوريٽ ٽيڪس ريٽ ۾ گهٽتائي، ٻارڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو بجلي جي اگهن ۾ منتقل ڪرڻ، ايڪسپورٽ ڪندڙن لاءِ لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ عالمي چٽاڀيٽي ۾ بهتري آهي. هن چيو ته اسان کي روانگي واپار ڪندڙن لاءِ لاڳت ۽ مسئلا ختم ڪرڻا پوندا، اهو ئي پائيدار ۽ مضبوط معيشت جو بنياد آهي. هن چيو ته نيشنل انڊسٽريل پاليسي جي نمايان نقطن ۾ ڪمزور صنعتي يونٽس جي بحالي، پاڪستان بيڪنگ ايسوسيئيشن سان مالياتي ري اسٽرڪچرنگ پيڪيجز، قرضن تائين پهچ، مينيوفيڪچرنگ سيڪٽر کي قرض ڏيڻ لاءِ بئنڪن کي مراعتن، سيڙپڪاري تحفظ فريم ورڪ، سيڙپڪارن کي غير ضروري ريگوليٽري مداخلت کان بچائڻ لاءِ ٽيڪس سڌارن ۽ ڪارپوريٽ ٽيڪس ۾ گهٽتائي، سپر ٽيڪس ۾ سڌارا ڪرڻ آهي. هن چيو ته اها پاليسي فائلن ۾ بند ٿيڻ بدران عملي نتيجن ذريعي نظر ايندي. هن ڪاروباري برادري کي خاطري ڪرائي ته حڪومت کين وضاحت، اعتماد ۽ تسلسل فراهم ڪندي. هن چيو ته اسان ايندڙ 7 کان 8 سالن تائين 6 کان 7 سيڪڙو جي ڊي پي جي شرح سان ترقي برقرار رکڻ جو ارادو رکون ٿا، اهو ئي ترقي يافته قوم بڻجڻ جو رستو آهي. هن زور ڀريو ته حڪومت، نجي شعبو ۽ سول سوسائيٽي کي گڏجي پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ صنعتي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نيشنل پاليسي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي اجتماعي سوچ جي عڪاسي آهي ۽ وزيراعظم جي ان ويزن جو تسلسل آهي ته پاڪستان کي هڪ جديد صنعتي رياست بڻايو وڃي.