اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي هدايت تي پهريون ڀيرو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ٽول پلازائن جي کليل نيلامي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ 19 جون خميس ڏينهن صبح 10 وڳي کان شام 5 وڳي تائين اين ايڇ اي ٽول پلازائن جو اوپن آڪشن ٿيندو. ان ڏس ۾ منعقد خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير چيو ته پهريون ڀيرو سڄي ملڪ جي ٽول پلازائن جو هڪ ئي وقت ۾ اوپن آڪشن ڪرڻ مثبت فيصلو آهي. هن چيو ته اداري ۾ سڌارا آڻڻ ۽ بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کڻڻ سندن ترجيحن ۾ شامل آهي. هن سينئر آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٽول پلازائن جي نيلامي جي موقعي تي بئنڪ ڪائونٽر سميت حصو وٺڻدڙ ٻولي ڏيندڙن کي ضروري سهولتون به پهچايون وڃن ۽ ڪنوينشن سينٽر ۾ ان نيلامي لاءِ سمورا انتظام مڪمل رکيا وڃن ۽ ان سڄي عمل کي هر لحاظ کان شفاف هجڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته اين ايڇ اي جي روينيو ۾ اضافي لاءِ پهرين ئي ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ۽ ٽول پلازائن جي کليل نيلامي جي ان فيصلي سان به اداري جي مالي پوزيشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. اجلاس ۾ اين ايڇ اي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٽول پلازائن جي ان کليل نيلامي لاءِ ميڊيا ۾ اشتهار ڏنا ويا آهن ۽ 19 جون خميس ڏينهن شام 5 وڳي تائين نيلامي جي ان عمل کي ميڊيا آڏو جاري رکيو ويندو جنهن ۾ سڄي ملڪ جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي انتظام هيٺ 74 ٽول پلازائن جو اوپن آڪشن عمل ۾ آندو ويندو.