اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر هڪ متفقه قومي امن جي بياني جي ضرورت تي زور ڀريندي نوجوانن کي چيو آهي ته هو ڊجيٽل پليٽ فارمز کي ملڪ ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي لاءِ استعمال ڪن، نفرتن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سياسي ويڇي کان مٿانهون ٿي ملڪ لاءِ ڪم ڪن. اهڙو اظهار هن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ۾ فائونڊيشن فار ايجوڪيشن اينڊ اويرنيس جي اهتمام هيٺ نيشنل پيس فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري ڪندي ڪيو. پيس فيسٽيول ۾ سڄي ملڪ مان 150 کان وڌيڪ نوجوان شرڪت ڪري رهيا آهن، جنهن جو مقصد سمورن ويڇن کان مٿانهون ٿي ڪري امن کي هٿي ڏيڻ آهي. هي فيسٽيول 20 جون تائين جاري رهندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وجيهه قمر چيو ته اسان سڀني کي هڪ قومي امن بياني کي هٿي ڏيڻ لاءِ متحرڪ ٿيڻ گهرجي جيڪو سياسي ويڇي کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪ ۾ امن ۽ يڪجهتي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته امن صرف تڪرارن جي عدم موجودگي سان ناهي ايندو پر انصاف، همدردي ۽ گڏيل قدمن جي به ضرورت هوندي آهي. مملڪتي وزير نوجوان اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو هر طرح جي ڊجيٽل پليٽ فارمز کي تعميري ۽ مثبت سوچ کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪن. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي غلط ۽ هٿ ٺوڪي معلومات سبب ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪيتريون ئي شيون غير ضروري طور تي وڌائي پيش ڪيون وينديون آهن، جنهن سان قومي يڪجهتي کي نقصان پهچي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ امن ۽ رواداري جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان کي ان غلط معلومات جو مقابلو ڪرڻو پوندو.