اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) وزير اعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته ملڪ ۾ راندين جو مستقبل روشن آهي، وزيراعظم نوجوانن لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيو آهي، راندين سان سفارشي ڪلچرل جو خاتمو يقيني بڻائينداسين، ارشد نديم سينٽر ايڪسيلينس لاءِ رکيل فنڊز تي سمورين ڌُرين سان جلد اجلاس ٿيندو. اهڙو اظهار هن راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن (رسجا) جي صدر ابوبڪر بن طلعت جي اڳواڻيءَ ۾ رسجا وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انفراسٽرڪچر، ڊپارٽمينٽل اسپورٽس، ٽيلنٽ هنٽنگ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، يوٿ پروگرام تحت هلندڙ سال 9 مختلف راندين ۾ پليئرز ڊولپمينٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي، اسان وٽ تمام وڏو ٽيلنٽ آهي، اسان ان کي ميرٽ تي اڳيان آڻڻ جا موقعا فراهم ڪنداسين. حڪومت ارشد نديم سينٽر آف ايڪسيلينس لاءِ وڏا فنڊز رکيا آهن جنهن تي پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن سميت سمورين ڌُرين جي مشاورت سان ماسٽر پلان تيار ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ راندين جو سسٽم صحيح ڪري رهيا آهيون، ٽيلنٽڊ پليئرز کي اڳيان آڻڻ لاءِ اڪيڊميون فراهم ڪنداسين، ماضيءَ ۾ جنهن اسپورٽس ڪلچر جو پنجاب ۾ شروعات ڪئي هئي ان کي جاري رکڻ گهرجي. رانا مشهود احمد خان چيو ته ميڊيا هميشه هاڪاري ڪردار ادا ڪيو، حڪومت نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.