اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته حڪومت نجي شعبي جي مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف آهي ۽ ان جي حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي، پائيدار ترقي لاءِ ضروري آهي ته سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي دُور ڪيو وڃي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪيو وڃي. نيشنل ريگيوليٽري ريفارمز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چين جو مثال ڏيندي چيو ته 1972ع ۾ چين جا صنعتڪار پاڪستان مان سکڻ ايندا هئا، پر اڄ هو سنجيده سڌارن سبب دنيا جي وڏي معيشت بڻجي چڪا آهن، پاڪستان کي به اهڙي ئي سڌارتي سوچ ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن ايس آءِ ايف سي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته نجي شعبي جي شموليت ۽ گڏيل رٿائن کي هٿي وٺرائڻ سان ملڪ ۾ معاشي سرگرمين ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ اثرائتي سفارتي ۽ معاشي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار واري صلاحڪار هارون اختر چيو ته ريگيوليٽري سڌارن ۽ قومي ترقي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. هن چيو ته بهتر گورننس لاءِ سڌارا اڻٽر آهن ۽ حڪومت پائيدار معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪري رهي آهي. هن ٻُڌايو ته وياج جي شرح کي 22 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 11 سيڪڙو تي آندو ويو آهي جنهن سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته سڌارتي عمل ۾ سمورن لاڳاپيل ڀائيوارن جي صلاح مشوري کي يقيني بنايو پيو وڃي. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي ايڊيشنل سيڪريٽري امبرين افتخار ۽ ٻين اهم سرڪاري ۽ نجي نمائندن شرڪت ڪئي. 17: