اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌريءَ سان ريڪٽر بحريه يونيورسٽي جي وائيس ايڊمرل (ر) آصف خالق ملاقات ڪئي آهي. وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته ميري ٽائيم تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت ۽ يونيورسٽين جو سهڪار ضروري آهي، ميري ٽائيم تعليم بليو اڪانومي کي ترقي ڏيڻ جو اهم ذريعو آهي، حڪومت ميري ٽائيم ايجوڪيشن انڊوومينٽ فنڊ قائم ڪري رهي آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ وارين ڪميونٽيز جي شاگردن کي وظيفا ڏنا ويندا. ميري ٽائيم شعبي جي ترقيءَ لاءِ انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري اڻٽر آهي. ميري ٽائيم انڊوومينٽ فنڊ نوجوانن کي معياري تعليم جا موقعا فراهم ڪندو. ميري ٽائيم شعبي جي بهتريءَ لاءِ تعليمي ادارن جو ڪردار اهم آهي. ريڪٽر بحري يونيورسٽي وائيس ايڊمرل (ر) آصف خالق چيو ته بحريه يونيورسٽي ميري ٽائيم تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏيندي.